خير محمد کوکر

خير محمد کوکر

خير محمد کوکر

خير محمد کوکر: سنڌ جو مشهور صحافي، روزاني عبرت جو اڳوڻو ايڊيٽر، خير محمد کوکر 1934ع ۾ حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ڊبل ايم. اي ڪيائين. صحافت جي شروعات 1951ع ۾ روزاني ’ڪاروان‘ اخبار کان ڪيائين ۽ اُتي ڪيترا سال نيوز ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه عرصو روزاني ’مهراڻ‘ جي ڪراچيءَ واري آفيس ۾ به نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ان دوران هو ’ڳوٺ سُڌار‘ رسالي لاءِ به لکندو رهيو. هي عبدالغفور سيتائيءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ اخبار روزاني ’نواءِ سنڌ‘ جو رپورٽر به رهيو. جڏهن قاضي ڀائرن قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان 1958ع ۾ هفتيوار ’عبرت‘ خريد ڪري، ان کي روزاني ’عبرت‘ ڪري شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد کيس عبرت ۾ وٺي آيو ۽ هي روزاني ’عبرت‘ جو پهريون نيوز ايڊيٽر بڻيو. 1969ع ۾ شيخ علي محمد جي عبرت اخبار ڇڏي وڃڻ کانپوءِ خير محمد کوکر کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عبرت ۾ نوڪري ڪرڻ دوران هن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪرڻ سميت مختلف ادارن مان آڇون ٿيون، پر هن عبرت کي نه ڇڏيو. اخبار جي شروع ٿيڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. هن روزاني عبرت کي زندگيءَ جا 48 سال ڏنا.
خير محمد کوکر نه رڳو اعليٰ پايي جو ايڊيٽر هو، پر سٺو ليکڪ به هو. هن ڪيترا مضمون ۽ سفر ناما لکيا، جيڪي روزاني عبرت ۾ شايع ٿيا. سندس لکيل ايڊيٽوريلن کي به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي. خير محمد کوکر جي ادارت دوران روزاني ’عبرت‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. ايڊيٽر هجڻ باوجود هو اخبار ۾ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندو هو. صبح جو سوير آفيس اچڻ کان پوءِ رات جو اخبار ڇپجي رواني ٿي وڃڻ تائين آفيس ۾ ويٺل رهندو هو ۽ هر شيءَ جي نگراني پاڻ ڪندو هو. خير محمد کوکر وڏي صحافي هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي انتهائي سادي نموني گذاري.
حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام پٺيان به هن جون وڏيون محنتون ۽ ڪوششون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جي مختلف عهدن تي به رهيو. مارشل لا واري دؤر ۾ جڏهن ميڊيا جا ذريعا سرڪاري عتاب جو شڪار هئا ۽ اخبارن مان خبرون سينسر ڪيون وينديون هيون، ان دؤر ۾ به خير محمد کوکر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سچ تي پردي پوشي نه ڪئي. ڪيترا دٻاوَ پوڻ جي باوجود عوام جي آواز کي پٺي نه ڏنائين. خبرن کان وٺي ايڊيٽوريلن تائين هن عبرت کي عوام جي اخبار بڻايو. عبرت سان سندس وابستگي باقي سڀني شين کان وڌيڪ هئي. هو سچو ۽ کرو صحافي هو. خير محمد کوکر سموري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ شاديءَ جي حوالي سان پڇجندڙ سوالن جو جواب ڏيندي چوندو هو: ”مون صحافت سان شادي ڪري ڇڏي آهي“. سنڌ جو هي ارڏو ۽ خوددار صحافي، 23 مئي 2006ع تي 72 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ آهي.


لفظ خير محمد کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2006.05.23  عيسوي

سنڌ جو هي ارڏو ۽ خوددار صحافي، 23 مئي 2006ع تي 72 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ آهي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد ڀٽي
علي رضا سهتو
صلاح الدين مولانا
ستار وسطڙو
خاصخيلي جان
خالد کوکر
حيدري نذير حسين
اعجاز منگي
خليل الرحمان مير
ارشد شريف
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون